آدرش رسالو

آدرش (رسالو): مارڪسزم ۽ سوشلزم جي پرچار لاءِ شروع ڪيل هيءُ رسالو، 2004ع کان 2008ع تائين عاصم آخوند جي ادارت هيٺ حيدرآباد سنڌ مان جاري ٿيو. هن رسالي ۾ عاصم آخوند، روس جي ٽٽڻ کان پوءِ مارڪسزم جو نه صرف دفاع ڪيو پر مارڪسي نظرئي سان پنھنجي دؤر ۽ سنڌ جي حالتن جي، تخليقي ۽ ٺوس انداز ۾ تشريح پڻ ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ مختلف جاين تي پورهيت منظم ٿيا ۽ سنڌ اندر کاٻي ڌر جي سياست کي ٻيھر اسرڻ جو موقعو مليو. عاصم آخوند جي وفات کان پوءِ هيءُ رسالو ٽه ماهي ’سماجواد‘ جي نالي سان شايع ٿيندو رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو